حميده کهڙو، ڊاڪٽر

حميده کهڙو، ڊاڪٽر

حميده کهڙو ڊاڪٽر


حميده کهڙو، ڊاڪٽر: سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي نياڻي ڊاڪٽر حميده کهڙو، 13 آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان؛ سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڪئمبرج يونيورسٽي انگلنڊ مان 1961ع ڌاري تاريخ جي مضمون ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي به ڪئي، ان بعد هن اسڪول آف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ پهرين مسلم خاتون هئي، جنهن اتان ڊاڪٽريٽ ڪئي. ڏيهه موٽڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1965ع کان 1969ع تائين پڙهايائين، جتان ڪجهه سياسي سببن جي ڪري کيس برطرف ڪيو ويو. ان بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي ذاتي ڪوششون وٺندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر قائم ڪرايائين. 1983ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به ٿي، پر ٻن مهينن بعد استيعفا ڏيئي سياست ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيائين. هن شروع ۾ سنڌ جي حقن ۽ خود مختياريءَ واري موقف سان سياست جو آغاز ڪندي سائين جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڀرپور سرگرميون شروع ڪيون، پر ڪجهه عرصي بعد قومپرست سياست کان پاسيري ٿي وئي.
ڊاڪٽر حميده انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل هئي، جن 1971ع ۾ ڀٽو حڪومت ۽ انهن حالتن تي تنقيد ۽ شيخ مجيب رحمان جي هلچل جي حمايت ڪئي. هن 1973ع واري آئين تي به تنقيد ڪندي، ان کي صوبن جو مخالف قرار ڏنو. 1988ع ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، سنڌ نيشنل الائنس جي چيئرپرسن منتخب ٿي ۽ انهي ئي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 1988ع وارين چونڊن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ حصو ورتائين پر ڪامياب نه ٿي سگهي. 1990ع ۾ جڏهن ڄام صادق جي قيادت ۾ نگران حڪومت جُڙي ته ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ڪجهه مهينن لاءِ تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. 1993ع ۾ هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. هوءَ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاليسي پلاننگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن به رهي.
1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو ته سياسي پارٽين، خاص ڪري مسلم ليگ (ن) گروپ ۾ انتشار پيو، ڪيئي سال ان جي قيادت ملڪ بدر رهي، پارٽين مان ڪيترائي ميمبر ٽوڙيا ويا. 2002ع وارين چونڊن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو ’ق‘ ليگ جي ٽڪيٽ تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي فارم ڀريو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي، ق ليگ جي حڪومت ۾ 2004ع ڌاري کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو. اهو قلمدان وٽس ٽي سال رهيو.
ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جي ميمبر/ سئنڊِيڪيٽ ميمبر ۽ عهديدار رهي آهي، آڊيو جنهن ۾ يونيورسٽيون، تحقيقي ۽ ادبي ادارا به شامل آهن. 1999ع کان ’ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائيزيشن‘ (T.V.O) جي ميمبر ۽ پوءِ وائيس چيئرپرسن به رهي. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا آهن. سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ادب ۽ لکڻ سان به چاهه رهيو اٿس. سندس ڪيترا سنڌي، انگريزي ۽ اردو ڪالم شايع ٿيا آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشهور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. سندس ڪتابن ۾:
1. Papers of the Second Congress of History and Culture, Sindh University Press, 1976,
2. The Making of Modern Sindh, British Policy and Social Change in the 19th Century, Indus Publications, Karachi, 1978
3. Women in Islam, Monograph prepared for Women’s Division, Govt of Pakistan, 1983,
4. Sindh Through the Centuries, Edited: Oxford University Press, Karachi, 1981 and 1993.
5. Documents on the Seperation of Sindh from the Bombay Presidency: (2 Volumes), National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1982.
6. Confrontation with the British, Chapter in Pakistan, London, 1976,
7. The Challenge of Modernization in the Muslim World, National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1981.
8. Muhammad Ayoub Khuhro, A Life of Courage in Politics, Ferozsons Lahore, 1997
ڇپيل آهن، جڏهن ته هن هيٺيان ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن:
1. A Narrative of a Visit to the Court of Scinde, James Burnes, Edited, O.U.P. Karachi, 1974,
2. Memoirs of Naomull Hotchand, Edited O.U.P Karachi, 1982
3. Pakistan’s Experiments in Democracy, Chapter in Reforms and Revolution in Asia, Goerge Allen and Unwin, London, 1972
4. Karachi, Mega city of Our Times (Editor), Oxford University Press Pakistan, Quaid-e- Azasm’s Fourteen Points in view of the Nehru Report (Mss. With Quaid e Azam Academy, Karachi), 1976.
سندس شادي 1969ع ۾ ڊاڪٽر عبدالحليم قاضيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ’نوحيٰ مارئي‘ جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.08.13  عيسوي

سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي نياڻي ڊاڪٽر حميده کهڙو، 13 آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڀو مل هميراڻي
آفندي حسن علي
دائود بن نصر
سهراب سومرو
بولو کيدو
ابوالفضل نور احمد سنڌي
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
پير مظهرالحق
شاهنواز شاهه
ثانيه مرزا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون